شاهپورجهانيان جي النور شگر مل پاران ڪمند جي پيڙائي شروع نہ ڪرڻ ۽ بقايائون نہ ڏيڻ خلاف آبادگار احتجاج

61 Views

شاهپورجهانيان رپورٽ سيف ٻگهيو
شاهپورجهانيان جي النور شگر مل پاران ڪمند جي پيڙائي شروع نہ ڪرڻ، گذريل سيزن جون بقايائون نہ ڏيڻ، پريميم نہ ڏيڻ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ جي سڏ تي هٿن ۾ ڪمند جون ڇڙيون کڻي سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻن عبدالفتاح ٻگهيو، ايڊووڪيٽ ڪرم الله ٻگهيو، غلام محمد ماڇي، عابد ٻگهيو چيو تہ النور شگر مل گذريل سال جون ڪروڙين روپين جون بقايائون نہ ڏنيون آهن، هنن چيو تہ شگر ڪين ايڪٽ تحت آڪٽوبر ۾ شگر ملون هلائڻيون آهن پر هن مهل تائين ملون ناهن هلايون ويون، هنن وڌيڪ چيو تہ ملون نہ هلڻ ڪرڻ ڪمند جي فصل جو رس سڪڻ ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسي رهيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر ڪمند جا آبادگار روڊن تي نڪري آيا آهن، پر حڪمرانن ۽ ملز مافيا اگهور ننڍ ستل آهن، هنن چيو تہ شگر مل مافيا پنهنجو ڏاڍ برقرار رکندي ڪمند جي آبادگارن کي مناسب اگهہ ڏيڻ لاءِ تيار نہ آهي، آبادگارن مطالبي سان گڏ چتاءُ ڏنو آهي تہ فورن مل هلائي ، ڪمند جو اگهہ 300 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *