خيرپور ناٿن شاھ ۾ سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سڏ تي نوشين ڪاظمي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

57 Views

خيرپور ناٿن شاھ ۾ سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي سڏ تي نوشين ڪاظمي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سٽي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو،
نمرتا ڪماري کان پوء نوشين سيده جو قتل سنڌ گورنمينٽ ۽ وي سي شھيد بينظير يونيورسٽي جي منھن تي چماٽ آھي.

تفصيل موجب: سنڌ يونائيٽڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سڏ تي سٽي پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مختلف پارٽين پاران شرڪت ڪئي وئي، اڳواڻن غلام محمد گاڏھي، فقير علي حسن جانوري، ڪامريڊ مھراڻ ٻٻر، مير ستار چانڊيو، صدام گاڏھي ۽ ٻين جو چوڻ ھيو ته بينظير يونيورسٽي جي مقرر ٿيل وي سي ھٿ وٺي شاگردن جو قتل عام ڪرايو آهي، تعليم جو معيار ٽٽي پيو آھي، يونيورسٽي جي شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ نويشين سيدہ جي قتل کان پوء خوف حراس پکڙجي ويو آهي، شاگرد يونين کي بحال ڪيو وڃي، اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته نمرتا ڪماري جي قتل کي ٻه سال گذري ويا آهن ليڪن قاتل گرفتار ناھن ٿي سگھيا، نوشين ڪاظمي جو قتل سنڌ حڪومت جي منھن تي چماٽ آهي، قاتلن کي گرفتار ڪري والدين سان انصاف ڪيو وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *