گڏيل عرب امارات ايندڙ مهيني لاءِ تيل سستو ڪري ڇڏيو

89 Views

ابوظهبي (م ڊ) گڏيل عرب امارات پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، عرب خبرون ڏيندڙ اداري موجب گڏيل عرب امارات جي فيول پرائس ڪميٽي ايندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽروليم شين جي قيمتون طئي ڪندڙ ڪميٽي جي اعلان موجب ڊسمبر جي لاءِ سپر 98 پيٽرول جي قيمت 2.80 درهم کان گهٽ ٿي 2.77 درهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسپيشل 95 پيٽرول جي قيمت 2.69 درهم مان گهٽ ٿي 2.66 درهم ليٽر ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه اي پلس 91 پيٽرول ڊسمبر ۾ 2.61 درهم تي ليٽر واري جڳهه 2.58 درهم تي ليٽر ملي سگهندو. جڏهن ته ڊيزل 2.81 درهم في ليٽر جي بدران 2.77 درهم في ليٽر ملندو. واضح رهي ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اوميڪرون جي سامهون اچڻ کانپوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.