غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ نان ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي، واپاري خسارو 13.8 ارب ڊالر ٿي ويو

63 Views

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزرات  نومبر 2021 دوران ملڪي معيشت بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ سڌي غيرملڪي سرمائيڪاري ۽ نان ٽيڪس روينيو وصولين ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو آھي، نومبر مهيني جي معاشي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين  تائين پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران 11.9 سيڪڙو اضافي سان ڪل 10.6 ارب ڊالر پاڪستان اماڻيا ويا. گذريل مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر جي عرصي جي مقابلي ۾ هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر دوران ايڪسپورٽ ۾ 32.2 سيڪڙو اضافي سان ڪل 9.7 ارب ڊالرن جون شيون ايڪسپورٽ ٿيون جڏهن ته ان عرصي ۾ امپورٽ ۾ رڪارڊ 66.3 سيڪڙو واڌ پرڏيهه مان امپورٽ 23.5 ارب ڊالرن تي پهچي وئي جنهن سان هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران تجارتي خسارو 13.8 ارب ڊالرن تي پهچي ويو، ائين ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ رڪارڊ اضافي کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جي 4. 7 سيڪڙو تي پهچي ويو رپورٽ ۾ اهو به اعتراف ڪيو ويو آھي ته سڌي ريت غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ 11. 6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي 66 ڪروڙ 21 لک ڊالرن تي پهتي، مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 23 نومبر تائين وڌي 22 ارب 98 ڪروڙ ڊالرن تي پهچڻ، ٽڪيس وصولين ۾ 36 سيڪڙو اضافي بعد 1843 ارب روپين جو ٽيڪسون وصول ڪرڻ سان گڏ نان ٽيڪس رونيو 27.4 سيڪڙو وصوليون گهٽ ٿيڻ جو به اعتراف ڪيو ويو آھي ائين نومبر 2020 تي ڊالر جي قدر 161 رپيا هئي جيڪا 23 نومبر تائين ڊالر جو اگهه وڌي 174.30 رپيا تي پهچڻ جو به اعتراف ڪيو ويو آھي آڪٽوبر ۾ ماهوار مهانگائي جي شرح 9.2 سيڪڙو تي رهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *