سنڌ سرڪار غيرقانوني ٺاهيل رهائشي عمارتن کي قانوني بڻائڻ لاءِ آرڊيننس تيار ڪري ورتو، ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

55 Views

سکر/ڪراچي (بيورورپورٽ+ م ڊ) سنڌ حڪومت غيرقانوني طور ٺاهيل رهائشي عمارتن کي قانوني بڻائڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه به ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بلڊنگس کي ريگيولرائيز ڪرڻ وارو معاملو غور هيٺ آهي، رٽائرڊ جج جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي ان حوالي سان قانون سازي ڪئي ويندي نسلا تاور جي متاثرن جي مدد ڪئي ويندي. نجي ٽي وي جيو نيوز جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت نسلا ٽاور، تجوري هائٽس ۽ ٻين عمارتن جي غيرقانوني حصن ۽ چائنا ڪٽنگ تي ٺهيل عمارتن ۽ گهرن کي قانوني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ آرڊيننس آندو ويندو ۽ آرڊيننس جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ان مسودي کي پهرين سنڌ جي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو جنهن بعد ان جي منظوري ورتي ويندي ۽ گورنر کي اماڻيو ويندو. گورنر جي صحيح بعد ان کي لاڳو ڪيو ويندو جنهن سان اهي سموريون عمارتون ۽ گهر قانوني بڻائي سگهبا جيڪي غيرقانوني قبضو ڪيل زمينن، چائنا ڪٽنگ يا ٻين سرڪاري زمينن تي ٺاهيون ويون آهن انهن جي ڊاهڻ سان عام ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. ٻئي طرف ڊان نيوز جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت آرڊيننس وسيلي ڪميشن جوڙيندي جيڪو سرڪاري زمين تي رهائشي عمارتن جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺندو، گهڻ ماڙ رهائشي عمارتن کي ڪجهه شرطن سان ڏنڊ لڳائي قانوني بڻايو ويندو، جڏهن ته ضابطن جي ابتڙ اڏاوتن جي اجازت ڏيندڙن ۽ قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو طريقو به طئي ڪيو ويندو. ذريعن موجب غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نه ڪندڙ عملدارن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ سزائون ۽ طريقو به تجويز ڪيو ويندو. آرڊيننس وسيلي مقرر مدي تائين سمورين غير تجارتي اڏاوتن کي قانوني تحفظ ڏنو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيرپور ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سيد پرويز علي شاهه جي وفات تي پونئيرن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نسلا ٽاور معاملي جي چيف جسٽس آف پاڪستان پاڻ ٻڌڻي ڪئي ۽ ان ئي ڄاڻايل ٽاور ڊاهڻ جو حڪم ڏنو، نسلا ٽاور ڊاهڻ سان عوام کي نقصان پهتو آهي ته ان جو ازالو ضرور ٿيندو. وڏي وزير روٽيشن پاليسي تحت بدلي ٿيندڙ آفيسرن واري معاملي تي هڪ سوال جو جواب ۾ چيو ته روٽيشن پاليسي تحت آفيسر صلاح مشوري سان بدلي ٿيندا آهن پر وزيراعظم ڪڏهن به صلاح  مشورو ناهي ڪيو. هن چيو  ته آرٽيڪل ۾ بلڪل صاف لکيل آهي ته آفيسر صوبي ۽ وفاق ۾ نوڪري ڪري سگهن ٿا ۽ اسان ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ته بدلي ڪيل آفيسرن کي چارج ڇڏڻ نه گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ پھريان ئي آفيسرن جي کوٽ آهي، اهڙي شڪايت  چيف جسٽس سان به ڪئي هئي ته آفيسرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي پر وفاق آفيسر موڪلڻ بدران سنڌ مان بدلي ڪيا ۽ اهڙا آفيسر موڪليا  آهن جن ڪڏهن به سنڌ ۾ نوڪري ناهي ڪئي، انهن کي ڪھڙي خبر ته خيرپور ۽ بدين ڪٿي آهي. هن چيو ته قانون مطابق آفيسرن کي بدلي ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ مون وزيراعظم کي خط لکيو ڇوته ڪا به پاليسي قانون کان مٿي نه هوندي آهي.  هڪ سوال جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته بلڊنگس کي ريگيولرائيز ڪرڻ جو مسئلو ڪابينا ۾ غور هيٺ آهي، ان بابت قانون جوڙيو ويندو ۽ هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جنهن جو سربراهه رٽائرڊ جج هوندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *