ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ فتح مري جي ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيرن ۽ محبت ديرو پوليس خلاف احتجاج

66 Views

ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيرن ۽ محبت ديرو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ فتح مري جي ڳوٺاڻن هاشم علي بنگل مري جي اڳواڻي ۾ بااثر اڳوڻو ڪمالديرو يوسي چيرمين مرتظا خان سامٽيو ۽ محبت ديرو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته بااثر پوليس جي مدد سان اسان جي زمينن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اسان کي پريشان ڪري رهيو آهي هنن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ محبت ديرو ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس بااثرن سان گڏجي ونگار وهندي نوجوان مجن عرف مجيب کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا اسان هاء ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته گرفتار نوجوان کي ظاهر ڪري بااثر جي زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *