سکر جي سينٽرل جيل ۽ ڊسٽرڪٽ جيل وومين ۾ ايڊز جي آگاھي مھم جي تقريب ٿي گذري

108 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر جي سينٽرل جيل ۽ ڊسٽرڪٽ جيل وومين ۾ ايڊز جي عالمي ڏينھن تي قيدين ۾ آگاھي مھم لاء ھڪ تقريب رکي وئي جنھن ۾ هڪ هزار کان  وڌيڪ قيدين کي ايڊز کان بچاء لاء آگاھي ڏني وئي۔ سينٽرل جيل ۾ قيد قيدين جي ايڊز جي ٽيسٽ ڪرائي وئي  جنھن ۾ ٻن قيدين کي ايڊز ظاھر ٿي آھي ۽ متاثر قيدين جو علاج ھلي رھيو آھي۔ان سلسلي ۾ ڊي آئي جيل راجا ممتاز ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايڊز جي عالمي ڏينهن تي موقعي تي سنڌ جي سمورن جيلن جي قيدين کي  سنڌ جي وزير جيل خانه جات ۽ آء جي جيل خانه جات جي حڪم تي ايڊز بابت آگاهي ڏني وئي آھي ايڊز ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جنهن کان احتياطي اپائن ۽ تدبير ذريعي ئي بچي سگهجيٿو ايڊز کان بچڻ لاء ماهر ڊاڪٽرن جي مشوري تي عمل ڪرڻ گھرجي سنڌ جي سمورن جيلن ۾ قيد قييدين کي آگاهي ڏني پئي وڃي۔ ليڊيز جيل ۾ به قيد قيدياڻين کي آگاھي مھم ڏني وئي آھي ڄاڻ موقعي تي  ايڊز جي ماھر ڊاڪٽرن ڄاڻ ڏني جنھن بعد قيدين به سوالن جا جواب ڏنا۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *