جهنڊو مري ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ٽنڊي الهيار پاران جانورن جي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

105 Views

ٽنڊوالهيار

رپورٽ اعظم بوزدار

ٽنڊوالهيار ويجهو جهنڊو مري ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي ٽنڊي الهيار پاران جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جيء مفت وٽنري ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي ڳوٺ گل محمد پلي ۾ ڊاڪٽر مظھر علي رند ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ٽنڊوالهيار جيء سربراهي ۾ لڳايل مفت ميڊيڪل ڪئمپ اندر علائقي جي چوپايو مال کي وڏي تعداد ۾ مختلف بيمارين کان بچاءُ جا مفت ٽُڪا هنيا ويا پيٽ جي ڪيڙن جو دوائون پڻ پياريون ويون ان موقعي تي ڊاڪٽر مظھر علي رند چيو ته سموري ضلعي اندر جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جون مفت ونٽري ميڊيڪل ڪئمپون لڳائڻ جو سلسلو جاري آھي مالوند ماڻهن جيء خدمت ڪرڻ وارو عمل جاري آهي جڏھن ڳوٺ گل محمد پلي ۽ آس پاس جي علائقن جي مالوند ماڻھن لائيو اسٽاڪ کاتي ٽنڊوالهيار پاران لڳايل مفت ميڊيڪل ڪئمپ واري عمل کي تمام گهڻو سهاريندي ڊاڪٽر مظھر علي رند ڊپٽي ڊائريڪٽر جو شڪريو ادا ڪيو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *