ٿرپارڪر ضلعي ۾ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني وارو ڪم روزانه جي بنياد تي هلندڙ آهي: جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر

54 Views

جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال چيو آهي ته چونڊ لسٽن ۾ ووٽ جي داخلا ڪرائڻ هر شهري جو قومي فريضو آهي ڇاڪاڻ ته ان ئي بنياد تي قومن جي تقدير ٺهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اليڪشن آفيس ٿرپارڪر ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران چونڊ لسٽن جي نظر ثاني واري ڪم جو جائزو وٺڻ بابت گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران پوري ملڪ ۾ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني وارو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي ته جئين ووٽ ڏيڻ جو حق رکندڙ پنهنجو درست جاءِ تي ووٽ ڏئي سگهي ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران تمام انتظامن ۽ ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي. گڏجاڻي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ علي اصغر سيال کي اسٽنٽ رجسٽريشن آفيسر، اسٽنٽ سپروائيزرن پاران ٻڌايو ويو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني وارو ڪم روزانه جي بنياد تي هلندڙ آهي ۽ هن وقت تائين 70 سيڪڙو تائين ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪم جاري آهي. ان موقعي تي اسٽنٽ سپروائزرن پاران پيش ايندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪئي جنهن تي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ يقين ڏياريو ته هن قومي فريضي لاءِ تمام مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٿرپارڪر سليم الدين دل ، اليڪشن آفيسر عبدالغني ، اليڪشن آفيس جي سريش، تعليم کاتي جا آفيسر ۽ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني واري ڪم ۾ مصروف اسٽنٽ رجسٽريشن آفيسر ، اسٽنٽ سپروائيزرن شرڪت ڪئي. بعد ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال پاران ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٿرپارڪر سليم الدين دل ، اليڪشن آفيسر عبدالغني ، اليڪشن آفيس جي سريش ، اسٽنٽ سپروائيزر سان گڏ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني واري ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف علائقن جنهن ۾ مٺي ، اسلام ڪوٽ ،ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن جو پڻ دورو ڪيو ۽ چونڊ لسٽن جي نظر ثاني واري ڪم ۾ ضلعي اليڪشن ڪميشن آفيس ٿرپارڪر پاران ورتل ڪوششن کي ساراهايو. ان موقعي تي ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٿرپارڪر سليم الدين دل ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران عوام جي سهولت لاءِ ووٽ جي صحيح معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مفت ايس ايم ايس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ٿرپارڪر جي عوام کي گهرجي ته هو چونڊن جي لسٽن جي نظر ثاني واري ڪم ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٽيمن سان سهڪار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ بغير اسپيس جي هن نمبر 8300 تي موڪلي هن سهولت مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري پنهنجي ووٽ جي صحيح معلومات حاصل ڪن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *