ٽنڊوآدم ۾ آل ساند سماجي اتحاد پاران مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي

93 Views

ٽنڊوآدم ۾ آل ساند سماجي اتحاد پاران ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، سنڌ جي مختلف شهرن مان ثقافتي چاه رکندڙن جي شرڪت
ٽنڊوآدم ( ) سنڌي ميڊيا فورم پاران 5 ڊسمبر تي ملاهجندڙ سنڌ ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت ساند ٽنڊوآدم ۾ آل ساند سماجي اتحاد پاران مچ ڪچهري جي تقريب جو اھتمام ڪيو ويو جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين، اديبن، شاعرن، وڪيلن، شاگردن ۽ سموري سنڌ مان ڪهي آيل ساند برادري جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي. مچ ڪچهري ۾ سنڌ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شرڪائن کي ٽوپي اجرڪ پھريل ھئا ۽ سنڌي تهذيب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪندي بهترين اوطاق واري ميزباني پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي آل ساند سماجي اتحاد جي سرواڻ نور محمد ساند صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ثقافت امن، انسانيت، ۽ ڀائيچاري جو مظهر آهي، سڀ سنڌي گڏجي ثقافتي ڏهاڙو ملهائي پاڻ ۾ قومن ۽ ذاتين جا فرق مٽائي ڇڏيون ٿا، چاهي ڪهڙو به قبيلو به ڇو نه هجي پر سڌي سڀ پاڻ ۾ سڳن ڀائرن وانگر آهن ۽ سنڌي ئي ان ثقافتي ڏهاڙي کي ڀرپور نموني سان ملهائين ٿا. ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ سان نه صرف اسان کي خوشي ملي ٿي پر اهو به فائدو آهي جو اسان جو ايندڙ نسل ڪجهه سکي رهيو آهي، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي تمام ٻار پوڙها پڪا ننڍا وڏا اجرڪ ۽ ٽوپي پائي اهو ظاهر ٿا ڪن ته اسان کي پنهنجي سنڌ سان ڪيڏو پيار آهي ، انشاالله اهو پيار اسان جو سنڌ لاءِ برقرار رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان آل ساند سماجي اتحاد پاران هلندڙ سال هن قومي عيد کي ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيو آهي ۽ ان ڏهاڙي جي مناسبت سان پروگرام پڻ منعقد ڪرائي دنيا کي اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته اسان جي ثقافت ۽ سڃاڻپ صديون پراڻي آهي ۽ اسان ان جا مالڪ آهيون ۽ هر قدم تي ان جي مالڪي ڪندا رهنداسين، هن چيو ته 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي جي مناسبت سان سموري سنڌ ۾ آل ساند سماجي اتحاد جي پليٽ فارم تان مختلف پروگرام منعقد ڪرائڻ سان گڏ ڀرپور ريليون پڻ ڪڍيون وينديون. صحافين سان ڳالهائيندي آل ساند سماجي اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ غلام محمد ساند، معشوق علي ساند، وڏيرو عبدالطيف ساند، عبدالقيوم ساند، غلام شبير ساند، عاشق حسين ساند، ذوالفقار علي ساند، حبيب الله ساند، عبدالرحمان ساند، قادر بخش ساند، عبدالستار ساند، علي ڏنو ساند ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 ھزار سال پراڻي آهي. سنڌي ثقافت امن ڀائيچاري، رواداري جو درس ڏي ٿي. ھنن چيو ته جيڪي قومون پنھنجي تھذيب، ثقافت کي وساري ڇڏين ٿيون اھي قومون تاريخ مان مٽجي وينديون آهن. سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب دنيا جي چار وڏي تھذيبن مان ھڪ آھي. سنڌ جي سرزمين مفڪرن، اديبن،صوفين جي ڪري دنيا ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي. ھنن چيو ته تھذيب، زبان، ثقافت نفرت جو درس ناهي ڏيندي اسان کي سڀني قومن جي ثقافت جو احترام ڪرڻو پوندو جنهن سان ملڪ ترقي ڪري سگهندو. ھنن چيو ته سنڌ کي قبيلائي جھيڙن، ڪاروڪاري جھڙي ناسور کي پاڻ کان ختم ڪرڻو پوندو. سنڌ جي قدرتي وسيلن کي سنڌ تي خرچ ڪيو وڃي. سنڌ جي خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ادارن جي مالڪي ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. تقريب ۾ سگهڙ ڪچهري، به منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سگهڙن ڏور بيت، نڙ بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي واهه واهه ڪرائي ڇڏي جڏهن ته سنڌ جي ناليواري ثقافتي راڳي جئه رام سنڌي قديمي ساز چنگ، بوڙينڊو ۽ بين تي جوهر ڏيکاريا ۽ سنڌ جي ناليوارن راڳين، فائزه علي، شاهد جبار جوڻيجو، حمير علي خان، ڪامريڊ غلام نبي خاصخيلي ۽ ٻين فنڪارن ثقافتي سر وکيري محفل کي جهومائي ڇڏيو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *