سنڌ ڪابينا لوڪل باڊيز کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

64 Views

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا لوڪل باڊيز کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٻن سالن واري اين ايف سي رپورٽ اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي

ڪابينا ٿيليسميا اينڊ هيموگلوبن پيٿي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٿيليسميا کي روڪڻ لاءِ قائم فائونڊيشن جو چيئرمين سيڪريٽري صحت هوندو، اجلاس ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سروس ٺاهڻ جي به منظوري ڏني وئي، سروس ۾ مقرريون، ترقيون، پگهار ۽ الائونس شامل آھن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *