خيرپورناٿن شاھ ۾ غير قانوني حد دخليون هٽائڻ لاءِ گرينڊ آپريشن شروع

61 Views

خيرپور ناٿن شاھ
رپورٽر

خيرپورناٿن شاھ ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي شھر ۾ غير قانوني حد دخليون هٽائڻ لاء مختيارڪار سعيد احمد کوهارو سي ايم او منصب لاشاري عملي سميت پوليس جي وڏي نفري ۽ وڏي مشنري ساڻ ڪري شھر ۾ انڪروچمينٽرز خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪري ڏنو.حد دخليون هٽائڻ وارو عمل مين روڊ کان شروع ڪيو ويو جتي دوڪانن جي اڳيان غير قانوني ٺھيل دڪا.هوٽل وارن جا ٺھيل چولھا ۽ ٻين حدبدخلين کي ھٿوڙن ۽ مشينري سان ٽوڙيو ويو جڏھن دوڪانن جي اڳيان رکيل سبزي ۽ فروٽ وارن جا صندل کڻائي ڇڏيا روڊن تي بيٺل ريڙھن ۽ رڪشن کي پڻ هٽايو ويو
مختيارڪار ڪي اين شاه سعيد احمد صحافين سان ڳالهيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر تي انڪروچمينٽ هٽائي رهيا آھيون جن حد دخليون ختم نه ڪيون انهن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويندا هن جو وڏيڪ چوڻ ھيو ته حد دخليون شھرين جو اجتمائي مسئلو آھي ۽ اهڙي عمل سان شھرين جي آمد رفت واري پريشاني ختم ٿيندي
ٻئي طرف روڊن تي روزگار ڪندڙن فروٽ ۽ سبزي فروشن ۽ ريڙھي وارن جو چوڻ ھيو ته هن شھر ۾ اهڙي ڪابه سبزي ۽ فروٽ مارڪيٽ جي سهولت موجود ناهي جتي اسين روزگار ڪري سگهون اهڙي ڪابه سھولت موجود نه هجڻ جي ڪري اسين غريب مسڪين پنھنجن ٻچن جو گذر سفر ڪٿا ڪندا سين
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته شھر ۾ سبزي فروٽ مارڪيٽ ڏني وڃي جتي اسين روزگار ڪري پنهنجن بچن جو گذر سفر ڪري سگهون

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *