سکر :بلديات کاتي جي ملازمن پاران مطابن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال جاري

59 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) بلديات کاتي جي ملازمن پاران مطابن جي مڃتا لاءِ 4 ڏينهن به ڪم ڇڏ ھڙتال، تالا بندي، احتجاج، نعريبازي. خبرموجب آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سکر پاران سنڌ جي ٻين شھرين جيان سکر ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن سٽي ۽ سب آفيس، ضلعي ڪائونسل جي آفيسن جي 4 ڏينهن به تالا بندي ڪندي ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي وئي. ملازمن پاران ضلعي ڪائونسل آفيس، ميونسپل ڪارپوريشن سکر سٽي ۽ سب آفيس نئون سکر تعقلي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري آفيسن ٻاهران ڌرڻا هنيا. مظاھرين کي ھٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جھنڊا کئنيل ھئا. مظاھرين مطالبن جي مڃتا لاءِ سخت نعريبازي ڪري رهيا ھئا.ان موقعي تي اڳواڻي علي مردان شيخ، عبدالمجيد جسڪاڻي، ارباب علي ڪيريو، دانش قريشي، محمد آصف خان، شاھد جتوئي، طارق حسين سولنگي، سعيد مھر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران مڪاني کاتي سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. جنھن سبب ملازمن ۾ مايوسي واري صورتحال آهي. ملازمن جي احتجاجن باوجود اسان جا مطالبا پورا ناهن ٿيا اسان جي احتجاج تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ اسان کي خاطري ڪرائي هئي ته اسان جا مطالبا پورا ڪيا ويندا. پر ھن وقت تائين اسان جي مطالبن تي عمل نه ٿيو آھي جيسي تائين اسان جون پگھارون ٻين سرڪاري ملازمن جيئان آن لائين ذريعي بئنڪ ڏانھن موڪليون وينديون ان وقت تائين ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري رهندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *