تعلقو ڪنڊيارو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ارڙي تباهي مچائي ڇڏي

54 Views

تعلقو ڪنڊيارو ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ارڙي تباهي مچائي ڇڏي آهي معصوم ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته ارڙي وگهي 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن فوتين ۾ ڳوٺ سومر جوڳي جي پنج ورهين جي سونيا جوڳي ارڙي وگھي فوت ٿي وئي جڏهن ته ڏه کان مٿي ٻارڙا ساڳي ڳوٺ ۾ ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن جڏهن ڳوٺ پريل سرگاڻي ۾ ارڙي وگھي ٻه معصوم ٻارڙا سمير ۽ انابا سرگاڻي به ارڙي وگهي فوت ٿي ويا آهن ۽ ان ڳوٺ به 10 کان وڌيڪ ٻارڙا جنهن ۾ پارس ، ڪشف ، منظر علي بتولا سميت ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهن ٽن معصوم ٻارڙا ارڙي وگھي حياتي وڃائي ويٺا آهن ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته صحت کاتو ننڊ ۾ ستل آهي معصوم ٻارڙن جون حياتيون کسجي رهيون آهن ڪيترائي ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن صحت کاتي پاران ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءُ ڪو به قدم ناهي کنيو ويو هوڏانهن توهان کي ٻڌائيندو هلا ته ويڪسينيٽر احتجاج تي هجڻ سبب صحت کاتي جو ارڙي وبا تي ڪو به ضابطو ناهي آندو جنهن سبب ارڙي جا مريض وڌي رهيا آهن رپورٽر غلام شبير مري ڪنڊيارو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *