ٽنڊوڄام واسي عورت ٻن ٻارن سميت ڊاڪٽر انبارام اسپتال وٽان اغوا ٿي وئي، وارثن جو احتجاج

54 Views

ٽنڊوڄام شهر جي رهواسي عورت ٻن ٻارن سميت ڊاڪٽر انبارام اسپتال سامهون زبردستي اغوا ٿي وئي ٽنڊوڄام جي رهواسين عورتن سميت سنڌ پريس ڪلب ٽنڊوالهيار تي پريس ڪانفرنس ڪندي سڪندر سولنگي مولابخش سولنگي جنت سڀاڳي دانهيندي ٻڌايو ته 15 ڏينهن اڳ ٽنڊوڄام شهر مان اسان جيء نياڻي 2 ٻارن سميت زبردستي طالب شاھ,ضامن شاھ, دانش شاھ زبردستي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا جنهن جي دانهن اسان نيڪ مردن ۽ پوليس کي ڏني پر ڪا داد رسي نه ٿي آھي هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بچل شاھ 2 ڏينهن ۾ فيصلي جو ٽائيم رکيو جنهن کي 15 ڏينهن گذري ويا آھن هوء اسان کان 5 لک گهر ڪري پيو اسان تمام مسڪين مزدور ماڻھو آھيون آڻيون ۽ چاڙھيون بچل شاھ کي 5 لک ڪٿان ڏيون هنن چيو ته ٽنڊوڄام ٿاڻي تي رپورٽ داخل ٿيل آھي پوليس مذڪوره ماڻھن جيء ونگاري بڻيل آھي هوء تمام گهڻا بااثر آھن هنن آئي جي سنڌ پوليس ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ارباب اختيارين کان گُهر ڪئي آھي ته اسان جيء اغوا ٿيل نياڻي ٻارن سميت واپس ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *