ڦلجي سگا شاخ پيارو اسٽشن پاران اکين جي علاج ۽ آپريشن جي ڪيمپ لڳائي وئي

56 Views

ڦلجي اسٽيشن ڦلجي سگا شاخ پيارو اسٽشن پاران اکين جي علاج ۽ آپريشن جي ڪيمپ لڳائي وئي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سگا)شاخ پيارو ڳوٺ اسٽيشن پاران ۽ سيلاني انٽرنيشنل جي سهڪار سان نور شفا ڪلينڪ پيارو اسٽيشن ۾ اکين جي علاج ۽ آپريشن جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي، ڪيمپ جي شروعات سيد فياض مرتضيٰ شاهہ دعا سان ڪئي، افتتاحي تقريب ۾ سگا جي مرڪزي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسو، سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهيو، شاخ جي صدر نياز الاهي ابڙو، سڪندر علي جهتيال، احمد حسن پنهور، وفا ياسين آرائين، سگا پاٽ صدر گلزار ڪلهوڙو، ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪيمپ ۾ اکين جي علاج جي ماهر ڊاڪٽرن محمد خان شيخ، ابرار توليو، ولي محمد شاهاڻي هيلٿ ٽيڪينيشن سان گڏ مريضن کي چڪاسيو، ڪيمپ ۾ پهرين ڏينهن تي 276 او پي ڊي ٿي ۽ 62 مريضن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا، ڪيمپ ۾ گڊو مڱڻھار، معظم ابڙو، زوهيب پنهور، مقصود ابڙو، وقار ابڙو جميل لهٻر، آصف آرائين رضاڪارڻ طور خدمتون سرانجام ڏنيون. رپورٽر ديدار علي دستي نيوز 10 ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *