اسلام ڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران معذورن ۾ ويل چيئر ۽ راشن بيگ تقسيم

57 Views

اسلام ڪوٽ ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران معذورن ۾ ويل چيئر ۽ راشن بيگ تقسيم،
خبرموجب:معذورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان الخدمت فائونڊيشن ٿرپارڪر پاران پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي ويئي،جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جي معذورن ۾ ويل چيئر ۽ راشن بيگ تقسيم ڪيا ويا،تقريب کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي ٿرپارڪر عبدالسبحان سميجو،صدر الخدمت عبدالغني بجير،ڊاڪٽر نهچل داس،شاهنواز خاصخيلي،گل محمد،مبارڪ علي ۽ ٻين چيو ته معذور معاشري جي توجه جا منتظر هوندا آهن،ترقي يافته ملڪن ۾ معذورن لاءِ سُٺا موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن،الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ معذورن سان گڏجي ڏينهن ملهائي اُنهن کي اِهو احساس ڏياريو آهي ته توهان پنهنجي حوصلي سان گڏ ڪنهن کان به گهٽ ناهيو،اڄ جو ڏينهن آگاهي ۽ معذورن سان يڪجهتي طور ملهايو پيو وڃي،هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪندي گُهر ڪئي آهي ته سرڪاري کاتن ۾ معذورن جي ڪوٽا تي عمل ڪرائي مستحقن جي مدد ڪئي وڃي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *