معزورن جي عالمي ڏينهن تي ڊس ايبل اتحاد سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر پاران احتجاج

51 Views

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) ٽي ڊسمبر معزورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڊس ايبل اتحاد سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي سکر پاران مطالبن جي مڃتا لاء سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻڻو هڻي مطالبن جي حق ۾ نعري بازي ڪئي احتجاج ۾ شامل معزورن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جن مٿان معزورن کي حق ڏيو جا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي چيئر مين ڪفايت الله شاھ۔صدر شاهنواز ڪانڌڙو۔غلام رسول دراني۔فاروق سومرو۔عبيد سرڪي۔واصف پٺاڻ۔امتياز سميجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت طرفان معزورن سان ڪيل واعدن تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آھيون 1200 کان وڌيڪ سکر ضلعي جي معزورن کي زڪوات ۔ بيت المال ۽ احساس پروگرام ۾ به شامل ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري معزور مايوسي جو شڪار آھن ظالم حڪمرانن اسان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي ڪيترن ئي سالن کان احتجاج جاري آھي پراسان کي جائز حق ناهن ڏنا ويا حڪمران صرف پهنجا نوازن پيا معزورن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي آھي ته سنڌ ۾ معزور ڪوٽا سميت احساس پروگرام۔زڪوات ۽ بيت المال مان فنڊ ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي۔

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *