اڏيرولال لڳ ٻيلو بچايو ڪميٽي کيبر جي اڳواڻن جو کيبراڻي ٿاڻي آڏو ڌرڻو

54 Views

اڏيرولال(رپورٽرممتازعلي ورياھ): ٻيلو بچايو ڪميٽي کيبر جي اڳواڻن جو کيبراڻي ٿاڻي آڏو ڌرڻو، مطالبا تسليم نه ڪرڻ جي خلاف ٽنڊو آدم حيدرآباد روڊ بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو، ا حتجاج ڪندڙن حاجي شبير کيبر، سيد قاسم شاہ، سيد نظر شاہ، الهھ بچايو ملاح، ظهور کوسو، غلام رسول کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻيلي کاتي جي زمين 13 ۽ 14 چوڪڙي تي بيٺل 80 هزار وڻ بااثر ماڻهن پاران وڍرايا ويا آهن. هنن چيو ته حد جي پوليس کي شڪايتون ڪيون، پر پوليس بااثر ماڻهن جي ونگارو بڻيل آهي. هنن چيو ته ٻيلي کاتي جي ٽي هزار زمين تي ٻاهرين ماڻهن جو قبضو برقرار آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۽ هائي ڪورٽ سکر 2018 ۾ ليز ختم ڪري ٻيلي جي زمين تي پوکائي تي پابندي هنئي هئي، تنهن باوجود به بااثر ماڻهو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، کيبراڻي پوليس ڪيس داخل نٿي ڪري، هنن جو مطالبو آهي ته جيستائين بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. جڏهن ته ٻيلو ٻچايو ڪميٽي ۽ ايس ايڇ او کيبراڻي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ وڻ وڍندڙن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *