ڪابه اِن هائوس تبديلي نه ايندي، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين: شيخ رشيد

66 Views

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيد چيو آھي ته ڪابه اِن هائوس تبديلي نه ايندي، بي اعتمادي رٿ آئي ته اپوزيشن جا 26 ووٽ گهٽجي ويندا، ڊيل جون ڳالهيون ڪيون ويون ته هاڻي ڍَر به ناهي رهي

صحافين سان ڳالھائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته اپريل کانپوءِ صورتحال بهتر ٿي ويندي، خزاني تي بار هجڻ سبب آءِ ايم ايف جون سختيون وڌي رهيون آهن، چارئي شريف سياست مان مائنس آهن، شهباز شريف وزيراعظم لاءِ ڊيڄاريندڙ نه، پر سهڻو خواب آهي

ھن چيو ته اٽي، کنڊ ۽ گيهه مافيا جي نصيب ۾ پئسو نه آهي، پي ڊي ايم وارا 2 بدران 3 مارچ ڪن، حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو، 23 مارچ تي اپوزيشن جي هنيانءُ تي مُڱ ڏرينداسين، نواز شريف تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته بيماري جا ڊراما ڪرڻ سان ماڻهو واقعي بيمار ٿي پوندو آهي، بزدلن جو ٽولو پئسي لاءِ سياست ڪري ٿو، نواز شريف واپس اچي ۽ مقابلو ڪري

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.