ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 40 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي
68 Views
ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 40 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 412 شهري وائرس جو شڪار ٿي ويا
حڪومتي اپيلن باوجود پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ بازارن سوڌو عوامي جاين تي ماسڪ جو اصول نظرانداز ڪيو پيو وڃي، اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 6124 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2412 ڪيس مثبت آيا
اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 39.39 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به شارع قائد ۾ ڪورونا مثبت ڪيسن جي شرح 35 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي