بولان ۾ ريلوي لائن تي ڌماڪو: جعفر ايڪسپريس پٽڙي تان لهي وئي، ڪيترائي مسافر زخمي

80 Views

ڪوئٽه: (اڱارو 18 جنوري 2022ع) بلوچستان جي علائقي بولان ۾ ريلوي لائن تي بارودي مواد جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس پٽڙي تان لهي وئي. حادثي ۾ ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا آهن.
ٻڌايو ويو آهي ته جعفر ايڪسپريس ڪوئٽه کان پشاور وڃي رهي هئي ته مشڪاف ويجهو ڌماڪو ٿي پيو ڌماڪي سبب ٽرين جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن سبب ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ريلوي اختيارين ٽريڪ ڪليئر ڪرائڻ لاءِ امدادي ٽيمن کي حادثي واري جڳهه ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي.
اختيارين موجب ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جو انجڻ ۽ 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، آهن پر اڃان تائين ڪنهن به جاني نقصان جي ڪابه اطلاع ناهي ملي. ڌماڪي کان پوءِ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر سول اسپتال سبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جتي اضافي ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي جي لا ءِ طلب ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن مسافرن کي فوري طور تي ريليف ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.