مري سياحن لاءِ کلي ويو، امڪاني برفباري کي نظر ۾ رکندي ٽريفڪ پلان جاري

73 Views

اسلام آباد: (اڱارو 18 جنوري 2022ع) مري ۾ اڄ کان سياحن کي داخل ٿيڻ جي مشروط اجازت ڏني وئي آهي. جڏهن ته امڪاني برفباري سبب راولپنڊي ٽريفڪ پوليس ٽريفڪ پلان به جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف ٽريفڪ آفيسر(سي ٽي او) موجب سياحن کي اڄ کان مري ۾ داخلا جي مشروط اجازت هوندي ۽ روزاني 8 هزار گاڏين کي صبح 5 وڳي کان شام 5 وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويندو. شهر ۾ تقريبن 3500 گاڏين جي پارڪنگ جي گنجائش آهي.
سي ٽي او موجب مري جي ٽول پلازه ۽ داخل ٿيڻ وارن رستن تي خاص پڪٽس قائم ڪئي وئي آهي. مري وڃڻ جي اجازت لائسنس هولڊرز ڊرائيورز کي ئي ڏني ويندي. ان کان علاوه هن ٻڌايو ته سياح ريڊيو اسٽيشن 88.6 ۽ ٽريفڪ پوليس جي آفيشلز سوشل ميڊيا پيجز کان باخبر رهي سگهن ٿا. برفباري دوران مري ايندڙ مڪينڪلي صحيح گاڏي جي چونڊ ڪن.
ٽريفڪ پوليس جي ترجمان اهو به چيو ته سياح روڊ تي بيهي سيلفيون ٺاهڻ کان پاسو ڪن. سي ٽي او موجب مري اچڻ وقت پنهنجي گاڏي جو فيول ٽينڪ فل رکڻ جي به هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته موسم جي شدت ۽ رش جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سفر جي چونڊ ڪئي وڃي. ان کان علاوه سخت ٿڌ کي نظر ۾ رکندي گاڏي ۾ گرم ڪپڙا ۽ کائڻ پيئڻ جون ضروري شيون رکيون وڃن.
گاڏي ۾ هيٽر جي استعمال وقت شيشن کي مڪمل طور تي بند نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته موسميات کاتي مري ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو آهي پر اها تازي پوندڙ برفباري جهڙي نه هوندي. ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ اترين بلوچستان ۾ برفباري ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.