ملدسي شھر ۾ قبرستان راندين جي گرائونڊ سميت گھٽين تي قبضا ڪرڻ خلاف رھواسين جو احتجاج

86 Views

ملدسي شھر ۾ قبضا مافيا پاران قبرستان راندين جي گرائونڊ سميت گھٽين تي قبضا ڪرڻ خلاف سوين رھواسين جو احتجاج تفصيل موجب شھدادپور لڳ ملدسي شھر ۾ قبضا مافيا پاران قبرستان راندين جي گرائونڊ سميت گھٽين ۽ رستن تي قبضا ڪرڻ خلاف ملدسي جي سوين رھواسين عبدالحڪيم ڪنڀر اياز شيخ معشوق ھوت خان محمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ کڻي لطيف پارڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھدادپور پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي قبضا خورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ملدسي شھر ۾ قبضا خور سرگرم ٿي حاجي پير قبرستان راندين جي گرائونڊ سميت گھٽين ۽ رستن تي قبضا ڪري ڇڏيا آھن رستن ۽ گھٽين تي قبضا ٿيڻ سبب اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون پيش اچي رھيون آھن ھنن مطالبو ڪيو تہ قبضا خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪري حددخليون ھٽايون وڃن ۽ ملوث قبضا خورن خلاف قدم کنيا وڃن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.