اوٻاوڙو جي شيخ محلي مان ڏھ ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم بازياب نه ٿي سگهيو
62 Views
اوٻاوڙو شهر جي شيخ محلي مان ڏھ ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل 2 سالن جو معصوم عبدالاحد ولد عبدالقيوم ڀٽي ڏھ ڏينهن گذرڻ باوجود به بازياب نه ٿي سگهيو، پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام معصوم جا وارث بي حال ٿي ويا،، معصوم جي جيجل امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن،،، جڏهن ته واقعي کانپوءِ شهر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ شهر جا ڪيترائي ٻار خوف کان اسڪول وڃڻ بجاءِ گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن