اڏيرولال ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪيترائي شهري زخمي

73 Views

اڏيرولال(رپورٽر ممتازعلي ورياھ)اڏيرولال ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، معصوم ٻارڙا توڙي وڏا رولو ڇتن ڪتن جو شڪار ٿيڻ لڳا، ٻن ڏينهن ۾ رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن ۾ 20 کان مٿي ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن، اسپتال ۾ ڇتي ڪتي جي انجيڪشن اڻلڀ ٿي وئي، ڇتي ڪتي جي کاڌل ماڻهو حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن رخ ڪرڻ لڳا، ڳوٺ پنيو کدري جي علي نواز پٽ حسين کدري، يوسي نوبت مري جي ڪلثوم ڌي مراد خاصخيلي ۽ ذڪريا پٽ شهيد عبدالقيوم خاصخيلي، گلزار پٽ ڪيهر، ، جيئو پٽ پسو ڪولهي، اسماعيل پٽ دوست علي، ڏيئو پٽ رئيس، ڀيا زال نيلو ڪولهي، نريش پٽ نيلو ڪولهي ۽ جيئو پٽ پاسي ڪولهي کي رولو ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو آهي. رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن ۾ ايندڙ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهيل معصوم ٻارڙن توڙي وڏن جي وارثن ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڪابه دوا نٿي ملي. هنن چيو ته اسپتال ۾ دوا نه هجڻ سبب کين ٻين اسپتالن ڏانهن ريفر ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ سبب معصوم ٻارڙا مسلسل رولو ڇتن ڪتن جو کاڄ بڻجي رهيا آهن. رورل هيلٿ سينٽر اڏيرولال اسٽيشن جي ڊاڪٽر اقبال ميمڻ ٻڌايو ته سياري ۾ ڪتا ڇتا ٿيندا آهن، جنهن ڪري رولو ڪتا ڇتا ٿين ٿا جيڪي ٻارڙن توڙي وڏن ماڻهن کي ڏاڙهن ٿا. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي ۽ يونين ڪائونسل پاران ڪتا مار مهم نه هلڻ سبب رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.