گمبٽ ۾ ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ هيلٿ جي بي ڌياني سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳل

71 Views

(خيرپور ڊسٽرڪٽ رپورٽ غلام محمد ٻرڙو )
گمبٽ ۾ ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي بي ڌياني سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير نالين جو گندو پاڻي روڊن تي وهڻ لڳو شهري سخت پريشان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهري جو احتجاج اڀ ڏاريندڙ دانهون خبر موجب گمبٽ جي مختلف محلن ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊن تي بيهڻ سبب محلن ۾ گند ۽ ڪچري جا ڍير ٿيڻ خلاف گمبٽ جا شهري ۽ تاجر ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي ناجائزين خلاف روڊن تي نڪري آيا گمبٽ غريب آباد پير محله پراڻي مارڪيٽ شيخ محله ۽ ٻين ننڍ وڏن محلن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا شهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گمبٽ ميونسپل انتظاميه جي هڪ ڪروڙ 70 لک روپيه بجيٽ هوندي به شهر ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن شهر ۾ ٽٽل نالين مان گندو پاڻي وهڻ ڪري محلن ۾ گندي پاڻئ جا تلاهء بڻجي ويا آهن گمبٽ جا شهري ۽ تاجر سخت پريشان آهن هنن چيو ته گمبٽ ميونسپل انتظاميه جو ايڊمنسٽريٽر ميونسپل انتظاميه سان ٻٽ بڻجي شهر کي کنڊرات ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته شهر جي مختلف محلن ۾ ناليون ۽ پڪيون گهٽيون نه هجڻ ڪري شهري سخت پريشان بڻيل آهن شهرين وزيرعلا سنڌ ڊي سي خيرپور ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته ميونسپل انتظاميه جي فنڊ ۾ ايندڙ هڪ ڪروڙ 70لک واري بجيٽ شهر جي ترقياتي صفائي خرچ ڪئي وڃي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.