خيرپورناٿن شاھ ۾ ڪپڙي جي دوڪاندار کان ڦر ٿيل 18 لک روپيا پوليس برآمد ڪري ورتا، جوابدار گرفتار

65 Views

خيرپورناٿن شاھ ۾ پوليس جي شاندار ڪاروائي ڪجھ ڏينهن اڳ ريشم گلي ۾ ڪپڙي جي دوڪاندار غلام حسين چانڊيو کان 18 لک روپيا ڦر ڪندڙ ڏوھاري گرفتار ڪري ورتا آل واپاري اتحاد .ريشم گلي اتحاد ۽ ايس ايڇ او علي اڪبر چنه طرفان ريشم گلي ۾ گڏيل طور تي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي

ڪپڙي جي واپاري کان 18 لک رپيا ڦُر جي واردات دوڪاندار جو ملازم ئي واردات ۾ ملوث نڪتو. پوليس 72 ڪلاڪن اندر ڏوھارين کي بي نقاب ڪري ڦر ٿيل رقم برآمد ڪري ورتي.*
ايس ايڇ او علي اڪبر چنه ميڊيا سان ڳالاهيندي چيو تي
واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ڊي آء جي حيدر آباد ۽ ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ پاران ايس ايڇ او ڪي اين شاھ کي متاثر دوڪاندار جي دادرسي جو حڪم جاري ڪيو ويو.

ڪي اين شاھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنا۽ سندس ٽيم واقعي بابت جاچ ڪندي پيشيوراڻا مھارت ۽ حڪمت عملي سان اھم اڳڀرائي ڪندي واردات ۾ ملوث ڏوھارين جو سراغ لڳايو.
جاچ دوران دڪاندار جي پنھنجي ئي ملازم ۽ رشتيدار عمران چانڊيو واردات ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو جنھن ۾ ٻين جوابدارن وزير چانڊيو، وزير چرياڻي سان گڏجي ڦُر جي واردات جو منصوبو جوڙيو ۽ ان کي انجام پڻ ڏنو.*
پوليس جوابدار عمران چانڊيو کي گرفتار ڪري سندس وٽان نقد 5 لک رپيا برآمد ڪري ورتا آھن.
جوابدار عمران چانڊيو سميت واردات ۾ ملوث جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
گرفتار جوابدار وڌيڪ جاچ ھيٺ آھي ۽ ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ پڻ پوليس مصروفِ عمل آهي.
آل واپاري اتحاد ِ، ريشم گلي اتحاد ۽ ٻين شھرين ۽ دوڪاندارن ايس ايڇ او علي اڪبر چنه ۽ سندس ٽيم جي شاندار ڪاروائي ڪرڻ تا گلن جي ورکاء ڪئي..

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.