راڻيپور ۾ احساس ڊس ايبل ويلفيئر ايسوسئيشن خيرپور ميرس طرفان معذورن ۾ ويل چيئر ڪپڙا ۽ رقم تقسيم

78 Views

راڻيپور ۾ احساس ڊس ايبل ويلفيئرايسوسئيشن خيرپور ميرس جي طرفان سردار شاھنوازخان ڪلھوڙو جي رھائشگاھ تي 100 کان وڌيڪ معذورن ۾ روڪ رقم ويل چيئر ڪپڙا ۽ معذورن جي ضروت لاء ڪم ايندڙ سامان تقسيم ڪيو ويو ان موقعي تي سيد فرزند علي شاھ جيلاني صحافي اتحاد جي سرواڻ غلام حسين چانگ ، بلديات کاتي کهڙا جي سيڪريٽري عبدالحق منگي ،سردار شاھنواز ڪلهوڙو ،ايس ٽي پي اڳواڻ ڊاڪٽر زاڪر سولنگي ،محمد ادريس سومرو عباس راڄپر احساس ڊس ايبل ويلفيئر ايسوسيئيشن خيرپور جي چيئرمين محمد موسي سهتو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته انسان ذات جي خدمت سان رب ڪريم جو راضپو حاصل ٿئي ٿو خدمت خلق ڪرڻ سان انسان قلبي کي سڪون ملي ٿو جيڪو نصيب وارن کي مقدر ۾ ملندو آھي احساس ڊس ايبل ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان هلڻ گهمڻ کان لاچار ماڻھن ۾ معذورن جي زندگي جي ضرويات مطابق سامان ورهائي حقوق العباد ادا ڪرڻ جو شرف ماڻيو آھي جيڪڏهن هر هڪ شھر جا صاحب حثيت پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ۽ انسان ذات جي ڀلائي ڪن ته جيڪر ڪيترن ئي بي سهارا ماڻھن جي مدد ٿي سگهي ٿي احساس ڊس ايبل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اهڙي بهترين خدمت تي اسان کين جس ڏيون ٿا سماجي تنظيم احساس ڊس ايبل ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان حاجت مند معذورن ۾ ڪپڙا ،گرم سوئيٽر ، گرم ڪوٽ اونيون ٽوپيون ، ويل چيئر ڪاموڊا اسٽول وارا، ڪاموڊا ڪرسي وارا، اسٽڪ، ھينڊ گينڊي، واڪر ھڪ بيساکي 70 ھزار رپيا ڪيش تقسيم ڪيا آخر ۾ دعا خير گهري وئي جنهن بعد معذورن ۽ تقريب ۾ شرڪاء لاء خيرات جي ماني جو اھتمام ڪيو ويو
رپورٽر اميد علي ڄامڙو نيوز 10 تعلقو سو ڀوديرو

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.