ايس ايڇ او گمبٽ خلاف مڱڻيجا برادري جو پريس ڪلب سوڀوديرو تي احتجاج

75 Views

سوڀوديرو تعلقه رپورٽر زوار محبوب علي سهتو
سوڀوديرو ۾ ايس ايڇ او گمبٽ خلاف مڱڻيجا برادري جي ماڻھن جو پريس ڪلب سوڀوديرو تي احتجاج، ايس ايڇ او کي هٽائي مٿس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. ڳوٺاڻن جو مطالبو
تفصيل موجب: ايس ايڇ او گمبٽ جبار ميمڻ خلاف مڱڻيجا برادري جي ماڻھن لعل بخش مڱڻيجو عظيم مڱڻيجو عطا محمد مڱڻيجو خالد حسين مڱڻيجو عاشق حسين مڱڻيجو حليم الله مڱڻيجو ۽ ٻين سوڀوديرو پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي چيو تہ ايس ايڇ او گمبٽ جبار ميمڻ شراب جي نشي ۾ ڌت هيو جنھن گمبٽ ٿاڻي تي اسان جي مرشد سيد نورالھديٰ شاهہ سان غلط زبان استعمال ڪندي بدتميزي سان پيس آيو آھي اهڙي عمل سان اسان عقيدتمندن کي دلي صدمو رسيو آھي اسان ايس ايڇ او جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا. ھنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي تہ ڪرپٽ شرابي ايس ايڇ او گمبٽ جبار ميمڻ کي گمبٽ ٿاڻي تان هٽائي سندس مٿان ڪيس داخل ڪري قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سيد نورالھديٰ شاهہ جا مريد عقيدتمند گڏجي ايس ايس پي خيرپور آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻنداسين. ٻئي طرف ايس ايڇ او گمبٽ جبار ميمڻ چيو تہ سيد نورالھديٰ شاهہ سان مون ڪا بہ بدتميزي ناهي ڪئي هتان جو امن برقرار رکڻ منھنجي زميواري آھي ڪنھن کي بہ قانون کان مٿانھون قدم کڻڻ نہ ڏيندس.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.