باڊھ شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري

202 Views

باڊھ شهري تعلقي جي نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي احتجاج کي جاري رکندي باڊھ بچايو تحريڪ جي حسن ڪلھوڙو ساجد جوڻيجو نديم جوڻيجو ڪائونسلر حاجي پيارو جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ باڊھ پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. احتجاجي ريلي کي ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي اصغر نوناري ڪوڙل ملاح درزي يونين جي اڳواڻ نورل ساريو ۽ ٻين چيو ته باڊهه جو شهر آباديءَ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو ۽ قديمي شهر آهي، جيڪو ڪاروباري توڙي ترقيءَ جي حوالي سان تمام پٺتي پئجي چڪو آهي هنن گهر ڪئي ته باڊھ شهر کي جلد از جلد تعلقي جو درجو ڏيارائي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي نه ته هي احتجاج پُر امن اسيمبلي تائين پهچي تحريڪ جي سلسلي کي وڌايو ويندو. رپورٽ مظهر نوشاد نيوز10 باڊھ

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *