اڳڙا لڳ ڪيچي واھڻ ۾ کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار، متاثر ڌر جو احتجاج

65 Views

اڳڙا (رپورٽر ) اڳڙا ڀرسان ڪيچي واھڻ ۾ کھڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني جي مالڪي تان هلندڙ جهيڙي خلاف متاثر ڌر جو احتجاج
تفصيل موجب اڳڙا لڳ ڳوٺ ڪيچي واهڻ ۾ گذريل رات کهڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ٿي پيو هيو جنهن خلاف متاثر ڌر اڳڙا پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي متاثر ڌر ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو آهي جنهن ۾ فريادي ڌر عبدالطيف کھڙو شمن علي کھڙو علي گل کھڙو ۽ ٻين اڄ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ اسان جو ڌڻي بخش کھڙو ۽ احمد علي وارن سان زمين جي مالڪي جو ڪيس گمبٽ جي عدالت سول ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي جنهن جو هن وقت تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي آيو ان باوجود اسان جي ڏھ جريب زمين تي ڌڻي بخش کھڙو ٻاھريان ماڻھو ٻرڙا برادري پتافي برادري کھڙا برادري کروس برادري ۽ ٻين مختلفن برادرين جا ماڻھو ونگارو گھرائي قبضو ڪري ھٿارين سان مورچا اڏي ويھي رھيا آھن اسان جو ٻاھر نڪرڻ بہ مشڪل ٿي ويو آھي ھنن وڌيڪ چيو تہ اڳڙا ٿاڻي جو ايس ايڇ او محمد علي کوکر بااثر ڌڻي بخش کھڙي جو ونگارو بڻيل آھي ايس ايڇ او اڳڙ ونگار وھندي اسان جا ٻہ ڇوڪرا رستي تا پڪڙي گم ڪري ڇڏيا آھن هن الزام لڳائيندي چيو تہ اگر اسان جو ڪو جاني يا مالي نقصان ٿيو تہ ان جو زميوار اڳڙا ايس ايڇ او ھوندو ڇاڪاڻ تہ اسان جي گھرن جي ٻاھران چوڌاري ھٿيارن سان سرعام ماڻھو ويٺل آھن پر پوليس ڏوهاري ماڻهن کي زمين مان اٿارڻ لا تيار ناهي جنهن سبب اسان جا ٻچا ٻار درپدر لڳا پيا آھن هنن ايس ايس پي خيرپور ڊي آء جي سکر ۽ ٻين وس وارن کي پرزور اپيل ڪندي چيو آهي اسان جي زمين جو قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٖ # رپوٽرNews10 محمد شريف سومرواڳڙا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *