سليڪٽيڊ وزيراعظم عوامي مارچ ڏسي گهٻرائجي ويو آهي: بلاول
68 Views
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزيراعظم عوامي مارچ ڏسي گهٻرائجي ويو آهي، جيڪو ڪم ٽن سالن ۾ ڪير نه ڪري سگهيو، اُهو اسان جي لانگ مارچ ڪري ڏيکاريو

پنجاب جي علائقي احمد پور شرقيه ۾ لانگ مارچ کي خطاب هن چيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪنداسين ۽ بي اعتمادي رِٿ کڻي اينداسين
بلاول زرداري چيو آهي ته نواز شريف کي لنڊن اُماڻي هتي ڪٺ پُتلي کي ويهاريو ويو آهي، لانگ مارچ شروع ٿيندي ئي اپوزيشن پارٽِيز پ پ جي پيج تي اچي ويون آهن، اسان نااهل وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ نڪتا آهيون، هن کي گهر ڀيڙو ڪري ساهه پٽينداسين