ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزيرن امين الحق ۽ فروغ نسيم وزارتن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

51 Views

اسلام آباد: (اربع 30 مارچ 2022ع) ايم ڪيو ايم ۽ متحده اپوزيشن ۾ لکت ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جي 2 وفاقي وزيرن پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير امين الحق ۽ فروغ نسيم پنهنجا استعيفيٰ تيار ڪري اماڻي ڇڏيا آهن.
ايم ڪيو ايم جي ذريعن موجب حڪومت سان معاملا طئي نه ٿيڻ سبب استعيفيٰ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان انا جو شڪار رهيو. هو پنهنجن وزيرن کي اماڻيندو رهيو پر پاڻ نه آيو جڏهن ته اپوزيشن جي سموري قيادت اسان وٽ ڪيترائي ڀيرا هلي آئي.
ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته وزيراعظم عمران خان هاڻ ڀلي پاڻ به اچي پر هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ اسان فيصلو ڪري چڪا آهيون. رابطه ڪميٽي صرف اپوزيشن سان لکت ۾ معاهدي جي روٽين موجب توثيق ڪندي.
واضح رهي ته ايم ڪيو ايم جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ سان حڪمران اتحاد جو انگ 164 جڏهن ته متحده اپوزيشن جو انگ 177 ٿي ويندو.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.