پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر واري عهدي تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

54 Views

لاهور: (اربع 30 مارچ 2022ع) (ق) ليگ جي اڳواڻ پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر شپ تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب اسپيڪر پرويز الاهي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي استعيفيٰ نه ڏيندو. هو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جي عهدي تي رهندي وڏي وزير جو ووٽ وٺندو. بي اعتمادي رٿ جو ووٽ ملڻ جي صورت ۾ اسپيڪر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو. ذريعن موجب اسپيڪر جيڪڏهن ايوان مان اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهيو ته هو اسپيڪر جي طور تي ڪم جاري رکندو.


آئين تحت اسپيڪر جو عهدو رکندي اعتمادي جو ووٽ وٺي سگهجي ٿو. پر وڏو وزير چونڊجڻ تي آئين جي حوالي سان کيس اسپيڪر شپ ڇڏڻي پوندي. پرويز الاهي جي نامزدگي کان پوءِ حڪمران پارٽي اسپيڪر جو اميدوار ڳولا ڪري رهي آهي ۽ حڪومتي حلقن ۾ اهو چرچو هو ته پرويز الاهي اسپيڪر جو عهدو ڇڏي ڏيندو پر ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ جون خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ پرويز الاهي اهڙين خبرن کان پوءِ اسپيڪر شپ تان استعيفيٰ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.