عليم خان گروپ(ق) ليگ کي وڏ وزارت جو ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

55 Views

لاهور: (اربع 30 مارچ 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي عليم خان گروپ(ق) ليگ جي چوڌري پرويز الاهي کي وڏ وزارت جو ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان عليم خان گروپ جي ترجمان ميان خالد محمود بيان ڏنو آهي ته عمران خان جن لقبن سان پرويز الاهي کي سڏيندو هو ان کي ورجائڻ جي طاقت اسان ۾ ناهي. وزيراعظم پهريان 4 سال هڪ بي ايمان ۽ نڪمي بزدار کي مڙهي رکيو جنهن کان پوءِ هاڻ پرويز الاهي کي نامزد ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته مان تحريڪ جو جانثار آهيان جنهن نئين پاڪستان ۾ عمران خان جو ساٿ ڏنو. ڇا 184 ميمبرن مان هڪ به وڏو وزير بنجڻ جو اهل نه هو؟ تحريڪ انصاف جي هر مخلص ڪارڪن کي پرويز الاهي جي نامزدگي تي اعتراض آهي. ڪمال آهي ته هاڻ نئون پاڪستان پرويز الاهي ٺاهيندو. جيڪڏهن نئون پاڪستان پرويز الاهي ٺاهيندو ته تحريڪ انصاف بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هي اهو ڪم گذريل 42 سالن کان ڪري رهيو آهي.


ترجمان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪنداسين اسان اپوزيشن جو غير مشروط ساٿ ڏينداسين. هن عمران خان کان پڇيو ته ڇا هي هو اهو نظريو جنهن جي لاءِ اوهان 25 سال جدوجهد ڪئي ۽ قوم اوهان تي ڀروسو ڪيو؟ اڄ حڪومت بچائڻ جو ٽائيم آيو ته پنجاب جي وڏي وزير واري عهدي تي پرويز الاهي کي نامزد ڪري ڇڏيو جنهن کي ڪجهه وقت اڳ اوهان چور ۽ ڌاڙيل چوندا هئا.
جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. عبدالعليم خان گروپ جي ترجمان ۽ صوبائي وزير خالد محمود چوڌري پرويز الاهي گروپ کي جواب اماڻي ڇڏيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.