شهيد ناظم جوکيو جي گهر واري شيرين مڙس جي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو

55 Views

ڪراچي: (اربع 30 مارچ 2022ع) ملير ۾ قتل ٿيندڙ ناظم جوکيو جي گهر واري شيرين جوکيو پنهنجي مڙس جي قاتلن کي معاف ڪري ڇڏيو. ناظم جوکيو جي بيوه شيرين جوکيو جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته پنهنجي مڙس ناظم جوکيو جي قاتلن کي معاف ڪريان ٿي.
شيرين جوکيو چيو ته منهنجا ننڍا ٻار آهن ان ڪري مان وڌيڪ ڪيس نٿي وڙهي سگهان. اڪيلي آهيان ڪوبه مون سان گڏ نه آهي، ان ڪري سڀني مون کي مشورو ڏنو آهي ته ڪيس کان ڌار ٿي وڃ. هن چيو ته مان فيصلو الله تعاليٰ تي ڇڏي ڏنو آهي. جن منهنجو ساٿ ڏنو مان انهن جي ٿورائتي آهيان ۽ وڊيو ذريعي سڀني کي ٻڌايان ٿي ته مان وڌيڪ نٿي وڙهي سگهان. هن چيو ته مان هڪ وفادار عورت آهيان. مان ڪيس نٿي وڙهڻ چاهيان. منهنجي پنهنجن منهنجو ساٿ ڇڏي ڏنو، جيڪي ٻچن وارا آهن اهي منهنجي مجبوري سمجهي سگهن ٿا.


ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته ڄام ڪريم جي وڪيلن پاران ڊرافٽ تيار ڪيو پيو وڃي. ڊرافٽ ۾ شيرين جي ٻارن جي تعليم ۽ انهن جي سار سنڀال سميت ٻيا خرچ ڄام ڪريم ۽ ڄام اويس گهرام کڻندا. ذريعن موجب شيرين راضي نامي ۾ چيو ته ڄام اويس ۽ ڪريم کي معاف ڪنداسين پر ڪجهه جوابدارن کي معاف نه ڪنداسين جيڪي ناظم جوکيو جي قتل ۾ ملوث آهن.
ذريعن موجب 23 مارچ تي ملير جيل ۾ ڄام اويس گهرام سان ملاقات ٿي جتي سمورا معاملا طئي ٿيا، ملاقات ۾ شيرين جوکيو، سندس ڀيڻويو فريد ۽ ٻيا پڻ ملاقات ۾ شامل هئا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.