عثماني دور زنده ٿيندو، والاريل بيت المقدس اسان جو شهر آهي: رجب طيب اردوان

285 Views

ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پابندين کان پوءِ نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي. والاريل بيت المقدس اسان جو شهر آهي.

ممڪن آهي ته عثماني مزاحمت جو دور ٻيهر زنده ٿي وڃي. ترڪ پارليامينٽ جي 27هين سيشن تي پارليامينٽ کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڄي دنيا جي عالمي فورمن تي فلسطيني قوم ۽ سڄي دنيا جي مظلوم مسلمانن جي لاءِ آواز اٿارڻ تي فخر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته والاريل بيت القمدس اسان جو شهر آهي. ٻئي جنگ دوران لاڳو ڪيل پابندين جي خاتمي کان پوءِ هاڻ هڪ نئون دور شروع ٿيڻ وارو آهي. ترڪ صدر چيو ته فلسطيني قوم جي حقن لاءِ هر فورم تي آواز اٿارينداسين. اسان کي فخر آهي ته اسان جو ملڪ قوم ۽ حڪومت سڀ فلسطيني قوم جي لاءِ آواز اٿاريندا آهن. بيت المقدس اسان جو شهر آهي.

امڪان آهي ته عثماني مزاحمت جو دور ٻيهر زنده ٿي ويندو. خطاب ۾ ترڪ صدر دهشتگردي جي خلاف جدوجهد جي موضوع تي ڳالهيون ڪندي چيو ته جيستائين اسان جي عراقي سرحد تي سمورا دهشتگردي سيل ختم نٿا ٿي وڃن آپريشن جاري رهندو

.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.