ملڪ ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن دوران پنجٽيهه فوتگيون، مريضن جو انگ ٻه لک ٽيهتر هزار کان وڌي ويو

409 Views

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ لاڳيتو گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي. هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 35 مريض حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 5 هزار 822 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته ڪورونا مريضن جو گڏيل انگ 2 لک 73 هزار 113 ٿي ويو آهي. هنيئر تائين 2 لک 37 هزار  ڄڻا صحتياب ٿي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن. بهتر حڪمت عملي سبب ڪورونا ختم ٿيڻ لڳو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 5 هزار 822 ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 1226 ڄڻا متاثر ٿيا. مريضن  جو انگ 2 لک 73 هزار 113 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ هڪ لک 17 هزار 598، پنجاب 91 هزار 901، خيبرپختونخواهه 33 هزار 220 ۽ بلوچستان ۾ 11 هزار 578 ڪيس  ٿيا آهن. اسلام آباد ۾ 14 هزار 814، گلگت بلتستان ۾ 1952 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2023 مريض علاج هيٺ آهن.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 2 لک 37 هزار 434 ڄڻا صحتياب ٿي گهرن ڏانهن موٽي ويا آهن. هينئر تائين صرف 1267 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 24 ڪلاڪن دوران 23 هزار 254 ڄڻن جا ٽيسٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ٽيسٽن جو گڏيل انگ 18 لک 68 هزار 180 ٿي چڪي آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *