ڪراچي جي مختلف علاقن ۾ تيز برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو

329 Views

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي.

شهر جي مختلف علائقن ملير، ماڊل ڪالوني، سعود آباد، نيو ڪراچي، ايئرپورٽ، لانڍي، ڪورنگي، گلستان جوهر، گهارو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب شهر ۾ سخت گرمي ۽ حبس جو زور ٽٽي ويو آهي.

موسميات کاتي موجب شهر ۾ اوڀر ۽ اولهه کان هوائون 14 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن ۽ ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ موسم جهڙالو رهندو.

ان کان علاوه زوب، زيارت، لورالائي، آواران، سبي خضدار، موسيٰ خيل ۾ به برسات جو امڪان آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *