وڪيلن واري تقريب ۾ شرڪت: سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

189 Views

سپريم ڪورٽ وڪيل ڪنوينشن سينٽر جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، انچارج ڪنوينشن سينٽر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت معاملي تي بينچ جوڙڻ لاءِ عدالتي حڪم نامو چيف جسٽس ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ جو آهي ڪنهن هڪ گروپ جو ناهي. وزيراعظم رياست جي وسيلن جو غلط استعمال ڇو ڪري رهيو آهي.

سپريم ڪورٽ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ سياسي اجتماع ۾ ويٺل رهيا پر عدالت ۾ پيش نه ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل سڄي صوبي جو هوندو آهي يا ڪنهن سياسي پارٽي جو نمائندو هوندو آهي.  عدالت مخصوص سياسي پارٽي  ونگ جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اٽارني جنرل پاڪستان کي به معاملي تي مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت   بار ڪائونسل جي وائس چيئرمين، صدر سپريم ڪورٽ بار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي به طلب ڪري ورتو اهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته معاملو پاڻمرادو نوٽيس لاءِ چيف جسٽس پاڪستان  ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *