ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پراڻو ديرو جي بنيادي صحت مرڪز کي ايمبولينس نه ملي سگهي

233 Views

ڦلجي اسٽيشن۔۔
ايمبو لينسون آفيسن ۾ غريب سواري لا پريشان ڳوٺ پراڻو ديرو جي بنيادي صحت مرڪز ۾ هوم ڊليوري سسٽم هجڻ جي باوجود ايمبولينس نه ملي سگهي 2020_10_14 تي هڪ عورت جي ڊليوري ٿي ايمبولينس نه هجڻ ۽ ٻئي ڪا سواري نه هجڻ جي ڪري عورت کي موٽر سائيڪل تي گهر ڌڻي کڻي ويا جيڪو خطرناڪ حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو جڏهن ته پي پي ايڇ آئي آفيس ڊي ايڇ او دادو آفيس اڳيان ايمبو لينس بيٺي ڌوڙ ڄمي خراب ٿيڻ لڳيون مگر دادو تعلقه بنيادي مرڪزن کي نه ملي سگهيون ڳوٺاڻن الهرکيو دستي عبدالرزاق پتافي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هتي لڳ ڀڳ 70 ڳوٺ ۽ 30 هزار جي آبادي هجڻ جي باوجود بنيادي صحت مرڪزن ۾ سواري جي لا ايمبو لينس نٿي ڏني وڃي هن کان اڳ ڪافي حادث پڻ ٿي چڪا آهن اسين وزير اعلي سنڌ صحت جي وزير کي اپيل ٿا ڪريون ته گهربل سهولت ڏئي هتان جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي رپورٽر۔۔ ديدار علي دستي نيوز 10 ڦلجي اسٽيشن

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *