اڳڙا لڳ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون بڻيل، ٻارڙن جي حياتين کي خطرو

190 Views

اڳڙا ( )  اڳڙا لڳ پرائمري اسڪول ڀوت بنگلو بڻجي ويو ٖ انتظاميا ستل عمارت زبون ھجڻ ڪري ٻارڙن جي حيانين کي خطرو آھي  ٖ ڳوٺ واحد بخش ٻرڙو واسي  اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي ٻارڙن جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي : مطالبو                                خبرموجب  اڳڙا ڀرسان تعلقي گمبٽ جي يوسي منور آباد جي ڳوٺ واحد بخش ٻرڙوجي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سھولتن جي کوٽ خلاف شاگردن جو تعليم کاتي جي وزير خلاف مظاھرو شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار ٿي وئي آھي جنھن ڪري اسان جي معصوم گلن جھڙن ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ آھن  ۽ ھن اسڪول ۾ فنيچر جي کوٽ سبب شاگرد پٽ تي ويھي تعليم پرائي رھيا آھن اسان ڳوٺاڻا ۽ شاگرد سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون تہ گورنمينٽ پرائمري واحد بخش ٻرڙو اسڪول جي بلڊنگ جي نئين سر تعمير ڪرائي ڏني وڃي تہ جئين اسان شاگرد تعليم پرائي سگھيو  ٖ  # رپورٽرnews10 محمد شريف سومرو اڳڙا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *