نيوزيلينڊ جي دوري ۾ اعجاز احمد هيڊ ڪوچ جون ذميواريون سنڀاليندو

172 Views

لاهور: پاڪستاني شاهين ڪرڪيٽ ٽيم پاران نيوزي لينڊ جي دوري دوارن جونيئر ٽيمن جي ڪوچ اعجاز احمد کي هيڊڪوچ جون ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

رانديگرن کي ايندڙ مهيني قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ نيوزي لينڊ جي دوري تي وڃڻو آهي، جتي هنن جو 4 ڏينهن وارو ۽ 5 ٽوئنٽي ميچز شيڊول آهن.

ان سلسلي ۾ جوئيئر ٽيمن جي ڪوچ اعجاز احمد کي ذميواريون ڏنيون پيون وڃن، هيڊ ڪوچ اعجاز احمد کان علاوه ڪوچمگ اسٽاف ۾ رائو افتخار انجم ۽ محتشم رشيد شامل آهن.

اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اٿجاز احمد پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ آهي ۽ انڊر 19 جي هيڊ ڪوچزايمرجنگ ٽيم جي ڪوچ جا پڻ فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *