خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ ماڙيچا برادري جي 8 گهرن کي باھ،ٻن عورتن سميت چار ڄڻا زخمي

272 Views

خانواهڻ(رپورٽ حاجي خان ڪونڌر )
خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ ڦٽيون ميڙڻ لاء آيل ماڙيچا برادري جي 8 گهرن کي باھ،ٻن عورتن سميت چار ڄڻا سڙي زخمي، الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو،

تفصيل موجب خانواھڻ ڀرسان ڳوٺ عباس ڪونڌر ۾ ڦٽيون ميڙڻ لاء آيل ماڙيچا برادري جي پورهيتن
ساماڻو ، چيتن ، امريو ، پريم ، مٺل شوڪت ، نديم ۽ وزير ماڙيچو جي اٺن گهرن کي اوچتو چلهہ جي چڻنگ مان باهہ لڳي وئي باھ لڳڻ سبب
گهرن ۾ پيل الهہ تلهہ سڙي رک ٿي ويو جڏهن تہ 2 عورتون پٺاڻي ، جيجل ۽ ٻه ٻارڙيون سڙي سخت زخمي ٿي پيون جن کي هالاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
جتي سندن علاج ھلندڙ آھي

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.