اسلام ڪوٽ ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي کلي ڪچهري،شهرين پاران مختلف شڪايتون

256 Views

اسلام ڪوپ(رپورٽ:سجاول بجير)اسلام ڪوٽ ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جي کلي ڪچهري،شهرين پاران مختلف شڪايتون،
خبرموجب:ڊي آءِ جي ميرپورخاص ذوالفقار لاڙڪ ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي اسلام ڪوٽ ٽائون ڪاميٽي جي نئين بلڊنگ ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي،جنهن ۾ شهرين،سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي،کلي ڪچهري ۾ شهرين طرفان شهر اندر ٽريفڪ جي نظام کي بهتر ڪرڻ ۽ شهر اندر داخل ٿيندڙ رستن تي قائم چوڪين کي ٻيهر بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو،وڪيل مصطفىٰ هنگورجو چيو تہ پوليس پئيسن عيوض ڪيس داخل ڪري ٿي،ٿاڻا منٿيلن تي هلن ٿا،ائين ئي سسٽم هلندو تہ پوليس آزاد ڪئين رهندي،اُنهي ڪري رشوت وارو ڪلچر ختم ڪيو وڃي ۽ وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي،واپاري لڇمڻ داس چيو تہ شهر اندر ريڙهن جي بيهڻ سبب روڊ بلاڪ ٿين ٿا،ريڙهن لاءِ الڳ هنڌ مقرر ڪيو وڃي،حاجي رحمت الله جنجهي چيو تہ روينيو جو عملدار نبي بخش جنجهي علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهي،قبضا ڪري رهيو آهي،نوٽيس ورتو وڃي،اسماعيل سميجو چيو تہ پوليس جو ايس ايڇ او دُر محمد کوسو ڪرپٽ ۽ قبضا خور ماڻهو آهي،جنهن اسلام ڪوٽ ۽ مٺي ۾ قبضا ڪيا آهن جيڪي اڄ بہ برقرار آهن،ڪاروائي ڪئي وڃي،عبدالله شيخ چيو تہ آئون هندو مان مسلمان ٿيو آهي،ڳوٺ جوڳلار ۾ رهان پيو،اُتي ميگهواڙ برادري جا ماڻهو مونکي ويهڻ نہ ٿا ڏين،روز حملا ڪن ٿا،منهنجي ماءُ پيرسن ۽ معذور آهي،مون ايس ايس پي کي بہ درخواست ڏني آهي پر انصاف نہ ٿو ٿئي،ڊاڪٽر راجڪمار چيو تہ ايس ايس پي روڊن ٽريفڪ سان ٽڪرائيندڙ چوپائي مال کي روڪڻ لاءِ جاڳرتا مهم جو هڪ سُٺو قدم کنيو آهي،هاڻي اُنهي تي عمل ڪرايو وڃي،کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ چيو تہ ٿر هڪ پرامن خطو آهي،جتي ڏوھ ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ ايترا نہ ٿا ٿين،اُنهي جي باوجود اسان هر وقت ٿيندڙ ننڍن وڏن مسئلن کي حل ڪرڻ ڪوشش ڪيون پيا،اسان جي اصل جنگ منشيات خلاف آهي،سفينا،گٽڪو ۽ مين پُڙي هڪ ڪئنسر جي بيماري آهي،اُنهي کي ختم ڪرڻو پوندو،ٿر ۾ خودڪشين جا ڪيس وڌيا آهن،جنهن تي ڳڻتي ضرور آهي،پر اسان هاڻي چاهيون ٿا پوليس پبلڪ وٽ وڃي جاڳرتا مهم ڦهلائي،خودڪشي معاملي جي هر موڙ کان ڏسڻ ۽ جانچ ڪرڻ پوليس تي فرض آهي،اگر ڪنهن پوليس آفيسر يا اهلڪار خلاف ڪا بہ شڪايت ملي تہ فورن ڪاروائي ڪئي ويندي،ٿر جا ماڻهو تمام گهڻا مهمانواز آهن،ٿر جي سمورن شهرن اندر داخل ٿيندڙ رستن تي چوڪيون قائم ڪيون وينديون،اسلام ڪوٽ شهر ۾ اسپيشل طور ٽريفڪ پوليس جي وڌيڪ نفري مقرر ڪئي ويندي،ايس ايس پي ٿرپارڪر حسن سردار نيازي چيو تہ آئون پاڻ ميانوالي جو رهواسي آهيان،پر ڊيوٽي گهڻي سنڌ ۾ ڪئي آهي،مونکي سنڌ جي ثقافت ۽ مهمانوازي ڏاڍي پسند آئي،جتي وڃجي سنڌي پنهنجي ثقافت کانسواءِ ناهن ڇڏيندا،اڄ بہ جيڪو هتي عزت ملي آهي اُهو وساري نہ ٿو سگهان،ٿر پرامن خطو آهي،هتي ڏوھ ناهن ٿيندا،ٿورو گهڻو منشيات جو اشوز آهي،اُنهي خلاف آپريشن هلي پيو،باقي چوپائي مال جي چوري تي بہ ڪنٽرول ڪري ورتو آهي،هتان جي عوام لاءِ اسان جي آفيس جا دروازا ڏينهن رات کليل آهن،کلي ڪچهري دوران اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي،عرفان راهمون،حاجي رحمت الله جنجهي،مُحب علي شاھ ۽ ٻين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي لوئين ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا،

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.