بختاور ڀٽو جي مڱڻي ڪنهن سان؟ پي پي پي بيان جاري ڪري ڇڏيو

250 Views

ڪراچي: پاڪستان پيپلزپارٽي اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو جي مـڱڻي جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي.

پي پي پي ميڊيا سيل جو چوڻ آهي ته مڱڻي جي حوالي سان سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ متضاد خبرون سامهون اچي رهيون آهن جنهن سبب هي بيان جاري ڪيو پيو وڃي.

جاري بيان ۾ بختاور ڀٽو جي مڱڻي 27 نومبر تي محمود چوڌري سان ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته محمدود چوڌري لاهور جي پراڻي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ محمد يونس ۽ بيگم ثريا محمود جو پٽ آهي.

محمد يونس 1973 دوران متحده عرب عمارات هجرت ڪئي ۽ وڏي محمنت سان ڪنسٽرڪشن ۽ ٽرانسورٽ بزنس کي ڪامياب ڪيو، پنج ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀني کان ننڍو محمود چوڌري 28 جولاءِ 1988 تي ابوظهبي ۾ پيدا ٿيو.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته محمود پرائمري تعليم ابوظهبي جڏهن ته سيڪنڊري تعليم برطانيا مان حاصل ڪئي، محمود چوڌري قانون جي وڌيڪ تعليم يونيورسٽي آف ڊرهم انگلينڊ مان حاصل ڪئي، محمود خاندان جي رهائش متحده عرب امارات ۾ ڪنسٽرڪشن، فناننس ۽ ٽيڪنالوجي جو بزنس سنڀالي رهيو آهي.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.