ملتان ۾ پي ڊي ايم جو زبردست پاور شو، گهنٽا گهر جلسي گاهه ۾ تبديل

197 Views

انتظاميا جي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري آهي. مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري قافلن جي صورت ۾ جلسي گاهه پهچي ويا. مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل آهي. آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي. جلسي گاهه جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جا غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *