سکر: موجوده حڪومت مڪمل طورتي ناڪام ٿي چڪي آھي: جي يو آئي اڳواڻ – مولانا عبدالجبارحيدري

447 Views

سکر(رپورٽ يارمحمدسومرو) جي يو آءِ سنڌ جي مبلغ اسلام مولانا عبدالجبارحيدري چيو آھي ته موجوده حڪومت مڪمل طورتي ناڪام ٿي چڪي آھي، ھن ملڪ کي عمران خان جي نه بلڪ مولانا فضل الرحمان جھڙي سياستدان جي ضرورت آھي، ملڪ جو عوام سونامي سرڪار کان بيزار ٿي چڪو آھي ،ڪپتان خان ھڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بجاء لکين ماڻھن کي بيروزگار ڪيو آھي،ھن حڪومت بدترين مهانگائي، بيروزگاري ماڻهن کان جيئڻ جو حوصلو به کسي ورتو آهي، عوام مايوس ٿي چڪو آهي ، پي ڊي ايم عوام جي لاءِ اميد جي ڪرڻو بڻجي چڪي آهي، جلد حڪومت جو خاتمو ڪري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن پراڻي سکر ۾ جي يو آء سٽي سکر جي ترجمان مفتي اعظم مھر جي رھائش گاھ تي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. جي يو آء اڳواڻ علامه عبدالجبار حيدري جو وڌيڪ چوڻ ھو ته عمران نيازي ڪرپشن جو روئڻ روئي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته نااهل حڪمران ڪڏهن دهشتگردي ته ڪڏهن ڪورونا جي آڙ ۾ لڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر هاڻي انهن کي ڪو ريليف يا اين آر او نه ملندو، انهن کي جلد پنهنجو هنڌ بسترو گول ڪرڻو پوندو، نه ته ھي عوامي سيلاب اسلام آباد جو رخ ڪيو ته انهن کي ڪٿي به پناهه نه ملندي،ھن چيوته 6ڊسمبر تي اسان اسلامي ثقافت ملهائينداسين ڇو ته سنڌ باب الاسلام آھي ۽ باب السلام رھندي اسان جوثقافت سان پيار آھي ٽوپي اجرڪ اسان جو شان ۽ مان آھي ان موقعي تي مولانا محمدسچل چاچڙ۔ قاري عبدالباسط ۽ نعت خوان حبيب الله شيخ به موجود ھئا

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.