آمريڪا چين جي چوڏهن اعليٰ اختيارين مٿان سفري ۽ اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

240 Views

آمريڪا چين جي 14 اعليٰ اختيارين مٿان ويزا ۽ اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب هانگ ڪانگ ۾ مخالف ڌرجي قانونسازي جي نااهلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڌار تي آمريڪا چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي قائمه  ڪميٽي جي نائب چيئرپرسن کي حدف بنايو آهي ۽ ٻين اختيارين تي به پابنديون لاڳو ڪيون آهن. مبصرين جو چوڻ آهي ته چين جي خلاف آمريڪا طرفان لڳايل سخت قدم اصل ۾ صدر ٽرمپ طرفان ويندي ويندي  نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن جي لاءِ پريشانين ۾ واڌ ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي. ان کان اڳ ٽرمپ انتظاميه هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيتو سميت ٻين اختيارين مٿان به پابنديون لاڳو ڪري چڪو آهي ۽ تازو ئي آمريڪا چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي عهديدارن تي نيون ويزا پابنديون لاڳو ڪيون آهن.

ٻه ڏينهن اڳ آمريڪا چين سان گڏ ثقافتي ڏي وٺ وارا پروگرام به ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ سال واپاري تڪرار، ڪورونا وائرس، تائيوان ۽ هانگ جي صورتحال سبب سفارتي لاڳاپا بدترين سطح تي اچي چڪا آهن. تفصيل موجب جن 14 ماڻهن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن اهي  ۽ سندن گهر ڀاتين مٿان آمريڪا  سفر ڪرڻ تي پابندي هوندي. آمريڪا ۾ سندن جا اثاثا منجمند ڪيا ويندا ۽ ڪنهن به آمريڪي فرد يا ڪمپني تي ان ماڻهن کان ڏي وٺ جي پابندي هوندي. 

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا طرفان کنيل هن قدم کان پوءِ ايشيائي اسٽاڪ منڊين ۾ مندي جو رجحان پيدا ٿيو آهي. يورپ ۽ آمريڪا جي صورتحال سبب اڳ ئي پريشانين جو شڪار عالمي منڊيون هاڻ ٻنهي اقتصادي طاقتن جي ڇڪتاڻ سبب وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار ٿي ويون آهن.

جواب ڇڏي وڃو

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو.